ٿرون ٽڪري

ٿرون ٽڪري: تعلقي ميرپورساڪري ۾، گُجي شهر جي ڏکڻ اولهه طرف هڪ ماڳ، جنهن کي مقامي ماڻهو ”ٿرڙو“ به چوندا آهن. هيءَ ٽڪري لڳ ڀڳ ٻه هزار فوٽ ڊيگهه ۽ هڪ هزار فوٽ ويڪر ۾ ٿيندي. هن ٽڪريءَ جي اولهه طرف معروف درويش ’شيخ تراب‘ جو مقبرو آهي، جنهن جي گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171هه/ 787ع لکيل آهي. هن ٽڪريءَ تي آمري دور جو ٺِڪراٺو پکڙيل آهي. ٺڪرين کانسواءِ پٿر جي قلعي جون ٻه اڌ گول ديوارون، ڪمرن جا بنياد، سِپُن ۽ ڪوڏن جي صنعت، پٿر جا بليڊ ۽ ٻيون اهڙيون شيون موجود آهن، جن کي قديم سنڌو تهذيب جا آثار چوڻ مناسب ٿيندو. ساڪري ۾ ٿرڙيءَ جي مضبوط قلعي کان سواءِ بڪار جو شهر ۽ الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون به آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو